پنج سٽا

پنج سٽا: پنج سٽا، شعر جو هڪ قسم آهي. سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ پنج سٽا استاد بخاريءَ لکيا آهن، جنهن پنج سٽي جا مختلف فارم/گھاڙيٽا متعارف ڪرايا آهن. نامياري شاعر مير محمد پيرزادي، استاد بخاري جي پنج سٽن جو تعارف هيئن ڪرايو آهي ته ”پنج سٽن جي بحروزن جي ڪابه مخصوصيت نه آهي، يعني ڪهڙي به بحروزن ۾ انهن کي چئي/ لکي سگھجي ٿو. پنجن ئي سٽن جو وزن ڪهڙو به هجي پر هوندو هڪڙو. باقي قافين کي الڳ الڳ فارمن ۾ مختلف انداز ۾ ڪتب آندو ويندو آهي. مثال:
گھر منهنجو گھمڻ آئين، هيءُ احسان آ تنهنجو،
احسان ڪري آس جو ايوان به گھُم تون،
۽ پيـار سان دل منهنجيءَ جو دالان به گھُم تون،
هـت آرزو ۽ جـسـتجـو سـامـان آ تنـهنـجو،
هــن روح جـي هــر روم ۾ ايـمان آ تنـهنجو!
هند ۾ سنڌي زبان جي نامياري شاعر پرڀو وفاپنجڪڙا‘ لکيا آهن، جيڪي پنج - سٽن جو هڪ روپ آهن.


لفظ پنج سٽاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو